شوڪت عزيز

شوڪت عزيز: پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم، سياستدان ۽ اقتصادي ماهر شوڪت عزيز ولد عزيز احمد 1949ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد نامور سياستدان ۽ سينيئر سرڪاري آفيسر هو. شوڪت عزيز ابتدائي تعليم سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ ايبٽ آباد پبلڪ اسڪول مان انٽر گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج قصور مان، بي.ايس.سي جي ڊگري گورڊن ڪاليج راولپنڊي مان 1967ع ۾ ۽ 1969ع ۾ پاڪستان جي بهترين اداري ’انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ.بي.اي) مان ايم.بي.اي جي ڊگري حاصل ڪئي. شوڪت عزيز تعليم حاصل ڪرڻ دوران ئي سٽي بينڪ مان انٽرنشپ ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هن سٽي بينڪ ۾ نوڪريءَ سان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو، جتي هن پاڪستان کان سواءِ يونان، آمريڪا، برطانيه، ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڪيترن ئي ريجنز ۽ ملڪن ۾ سٽي بينڪ لاءِ هيڊ آف ڪارپوريٽ اينڊ انويسٽمنٽ بينڪنگ، ڪارپوريٽ پلاننگ آفيسر ۽ ڪنٽري مينيجر طور ڪم ڪيو. شوڪت عزيز سٽي بينڪ جي ذيلي ادارن جي بورڊ جو رڪن به رهيو، جن ۾ سعودي اميرڪن بينڪ، سٽي اسلامڪ بينڪ ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا شامل آهن. 1992ع ۾ شوڪت عزيز کي سٽي بينڪ جو ايگزيڪٽو وائس پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو. شوڪت عزيز کي 1999ع ۾ فوجي حڪومت دوران پاڪستان جو وزيرِ خزانه ڪيو ويو، جتي خزانو، اقتصادي معاملا، شماريات، منصوبابندي ۽ روينيو جا شعبا هن جي ذمي هئا. خزاني جي وزير طور شوڪت عزيز اقتصادي تعاون واري ڪابينا ڪميٽي، ڪابينا ڪاميٽي براءِ سرماياڪاري، ايگزيڪٽو ڪميٽي براءِ اقتصادي ڪائونسل ۽ ڪابينا ڪاميٽي براءِ نجڪاريءَ جو سربراهه پڻ رهيو.
6 جون 2004ع تي الله خان'>ظفر الله خان جماليءَ جي وزارتِ اعظمى تان استعيفا بعد پاڪستان مسلم ليگ (ق) طرفان شوڪت کي وزيراعظم طور نامزد ڪيو ويو. شوڪت عزيز ٻن تڪن تان چونڊ وڙهيو، جن ۾ ٿرپارڪر تڪ ۽ ٻيو اٽڪ تڪ هو. هي ٻنهي تڪن تان ڪامياب ٿيو، پر هن ٿرپارڪر واري سيٽ ڇڏي ڏني ۽ اٽڪ واري سيٽ کي ترجيح ڏنائين. 27 آگسٽ 2004ع تي پارليامينٽ شوڪت عزيز کي 151 ووٽن جي مقابلي ۾ 191 ووٽن تي وزيراعظم طور چونڊيو ۽ هن 28 آگسٽ 2004ع تي وزيرِاعظم طور حلف کنيو. شوڪت عزيز وزيرِاعظم جي عهدي جي مدي پوري ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا هليو ويو ۽ اتي ئي رهائش اختيار ڪئي اڄڪلهه سياست کان پاسيرو آهي.


لفظ شوڪت عزيزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو